اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) وچ ايشيائي رياست قزاخستان جي ميڊيا ۽ تعليمي ماهرن جي 7 رڪني وفد قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو. وفد جي ميمبرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي تعليم ۽ ميڊيا ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. وفد ۾ قزاخستان جي اخبارن ۽ نيوز ايجنسي ??ان واڳيل صحافي ۽ تعليمي ماهر شامل هئا. وفد ۾ قزاخ مئگزين جي چيف ايڊيٽر غابط مولد مرادودف، قزاخستان جي ق??مي خابرو اداري جي نمائندي آرنور رحيم بيخوف، الفارابي يونيورستي جي ڊي آف اورينٽل اسٽڊيز ڊاڪٽر ??خت??ار پالتوري، يوريشيئن نيش??ل يونيورسٽي جي پروفيسر آف اورينٽل اسٽڊيز ڊاڪٽر سمال توليبائيوف ۽ ٻيا شامل هئا. پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفارتخاني جي سيڪنڊ سيڪريٽري نورزينس آتي بائيوف پڻ وفد ??ان گڏ هو. وفد جي ميمبر اي پي پي هيڊڪوارٽر جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو.
قزاخستان جي ميڊيا ۽ تعليمي ماهرن جي وفد جو اي پي پي هيڊڪوارٽر جو دورو
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز