لورا لائي– 25 مارچ (اي پي پي) گهرو وزير چوڌري نث??ر علي خان چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا نه رڳو بلوچستان پر پاڪستان سميت سڄي خطي جي تقدير مٽائي ڇڏيندي. سي پيڪ جي ناڪامي لاءِ دشمن قوتون مختلف قسمن جي سازشن مصروف آهن. هٿياربند فوج انهن سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي. بلوچست??ن ۾ امن امان لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان، پوليس ۽ پاڪ فوج جو ڪردار مثالي آهي. اهڙو اظهار هن لورا لائي ۾ فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي 60هين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته ايف سي بلوچست??ن ۾ شامل ٿيندڙ نون نوجوانن جي ڪلهن تي صوبي جي ترقي جي مخالف دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ جي وڏي ذميواري آه??. ه?? چيو ته ڪجهه عنصر ذاتي ??فادن ۽ پرڏيهي آقائن جي خوشنودي لاءِ صوبي ۾ امن امان خراب ڪرڻ چاهين ٿا.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا