اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته مضبوط صوبا مضبوط وفاق جي علامت آهن، اين ايف سي ??يو??رڊ جو آئين جي مطابق هر پنجن سالن کانپوءِ اعلان ضروري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پارلياماني سال جي پڄاڻي تي منعقد هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار جو عنوان ”وفاقيت جي مضبوطي لاءِ سينيٽ جي اختيارن ۾ اضافو“ هو، هن چيو ته مضبوط صوبا مضبوط وفاق جي علامت آهن ۽ صوبن جي حقن جي بهتر تحفظ جي لاءِ لازمي آهي ته پارليامينٽ جي ??ڏيل اجلاس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ووٽ برابر هجن. هن چيو ته سينيٽ مضبوط هوندو ته صوبا به مضبوط هوندا ۽ ڌرين جي آئيني حقن کي تحفظ ملندو.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa