ڪوالالمپور-28 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته ملڪ جي 6 رياستن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ س??ب 37 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته انهن ماڻهن جي رهائش لاءِ عارضي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. اهڙو اظهار هن گ??ريل ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿائيلينڊ جي سرحد سان لاڳاپيل اتر اوڀر رياست ڪيلانٽن ٻوڏ س??ب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي جتي 9 هزار کان وڌيڪ ڪٽنب متاثر ٿيا آهن. هن ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي سمورن وفاقي ۽ رياستي ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي رهائش جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته هر سال آڪٽوبر کان مارچ تائين سانوڻي جي برساتن دوران ملائيشيا جي اوڀر طرف سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ٻوڏ اچ?? معمول جي ڳالهه آهي جتي هر سال هزارين ماڻهو بي گهر ٿيندا آهن.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج