تهران -27 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان مسلمان ملڪن تي زور ڀريو آهي، ته اهي اسرائيل جي غزه ۾ ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ گڏيل قدم کڻن. ميڊيا مطابق سندس آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق هن اها اپيل ايران جي دوري تي آيل قطر جي و??يراعظم ۽ پرڏيهي و??ير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ڳ??له??ن دوران ڪئي. مسعود پيز شڪيان چيو ته مسلمان رياستون ۽ اهي سمورا ملڪ جيڪي عالمي قانون ۽ فريم ورڪ جا پابند آهن، انهن کي اسرائيل جي حامين کي لغام ڏيندي غزه ۾ جاري اسرائيل جي بدترين ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. غزه ۾ جنگ بندي لاءِ قطر ??ي ڪوششن کي ساراهيندي هن چيو ته جيئن ته غزه م سمورن عالمي قانونن ۽ ضابطن جون لاڳيتو ڀڃڪڙيون جار?? آهن، پر انساني حقن جي وڪالت ڪرڻ جي دعويٰ ڪندر ملڪ به اسرائيلي جارحيت تي خاموش آهن.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ