ڍاڪا -19 آگسٽ (اي پي پي) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد، روڊ، ٽرانسپورٽ ۽ پُلن جي اڳوڻي وزير عبيد القادر، اڳوڻي ??سيمبلي ميمبر شميم عثمان، اڳوڻي گهرو وزير اسد الزمان خان سميت 62 ڄڻن خلاف نارائن گن?? جي علائقي سڌير گن?? ۾ مڇي جي واپاري جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڍاڪا ٽريبيون جي رپورٽ مطابق هي ڪيس مقتول محمد ملون جي گهر واري شهناز بيگم طرفان آچر رات دير سان سڌير گن?? ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو ويو جنهن کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم خلاف داخل ڪرايل ڪيسن جو انگ هڪ درجن تائين پهچي ويو آهي. ڪيس ۾ ٻين نامزد جوابدارن ۾ اڳوڻي ??سيمبلي ميمبر شميم عثمان جو پٽ آيون عثمان، ان جو ڀائيٽيو ازميري عثمان ۽ نارائن گن?? ميٽرو پوليٽن عوامي ليگ جو آ??گن??ئيزنگ سيڪريٽري شاهه نظام شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : کڑک