رياض-05جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي ڪنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز جي شاگردن جديد ڊرون تيار ڪري ورت?? آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ڪنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز جي پر??جي??ٽ ۾ شريڪ شاگرد علم حسين عندس ٻڌايو ته گروپ ۾ مختلف شعبن ??ان تعلق ??کندڙ 6 شاگرد شريڪ ٿيا، جن جي گڏيل ڪوششن س??ن اهو ڊرون تيار ڪيو ويو. پر??جي??ٽ مختلف شعبن تي مشتمل هو جن ۾ صنعتي انجينئرنگ، اليڪٽرو ميڪينيڪل، سول انجنيئرنگ ۽ ايئر اسپيس اينڊ ايوي ايشن شامل هئا.هن ٻڌايو ته ڊرون جي تياري ۾ چئن مهينن جو وقت لڳو جنهن ۾ انتهائي حساس ڪئميرا، بيٽري، اسپيڪرز، لائٽنگ ۽ بيٽري چارجز جو استعمال ڪيو وي?? آهي. ڊرون جي اها خاصيت آهي ته ان کي گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت جي ضرورت آهي، ڊرون جا ڪيترائي فنڪشن آٽوميٽڪ آهن. ڊرون هڪ ڀيرو چارج ڪري وڌيڪ دير تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو، شاگردن پر??جي??ٽ جي تياري ۾ ڪنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز ۽ ريسرچ اينڊ ڊفينس اسٽيڊيز شهزاده سلطان سينٽر پاران ڀرپور تعاون حاصل رهيو.
سعودي عرب جي ڪنگ فهد يونيورسٽي جي شاگردن جديد ڊرون تيار ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز