ڍاڪا – 08 جنوري (اي پي پي) بنگلاديش جي عام چونڊن ۾ اپوزيشن پارٽي بي اين پي ۽ ان جي اتحادين جي بائيڪا?? کانپوءِ شيخ حسينه جي حڪمران پارٽي عوا??ي ليگ ٻه ڀاڱي ٽي سيٽون حاصل ڪري ورتيون. ڀارتي اخبار سياست جي رپورٽ مطابق تازن نتيجن ۾ عوا??ي ليگ جي سيٽن جو انگ 200 تائين پهچي چڪو آهي اهڙي طرح ان کي 300 رڪني پارليامنٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي. عام چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو ۽ اڪثر هنڌن تي تشدد جا واقعا پڻ ڏسڻ ۾ آيا. بنگلاديشي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته اسان اڳ ۾ کان دستياب نتيجن سان عوا??ي ليگ کي ڪامياب قر??ر ڏئي سگهون ٿا پر حتمي اعلان ٻين تڪ?? جي ڳڻپ کانپوءِ ڪيو ويندو. عوا??ي ليگ جي سربراهه شيخ حسينه 1986 کانپوءِ اٺون ڀيرو گوپال گنج-3 تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي. شيخ حسينه وزيراعظم 2009 کان اقتدار ۾ آهي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ