گڏيل قومون-30 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته غزه جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ناڪافي آهي. چيني خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس سلامتي ڪائونسل جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته آئون قرارداد 2712 جي منظوري جي آجيان ڪريان ٿو ج??هن ۾ سڄي غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري ۽ توسيع ٿيل راهدارين جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پر بدقسمتي سان ان قرارداد تي عملدرآمد ناڪافي آهي. هن چيو ته هو ان قرارداد جي ڪاميابي کي تڏهن تسليم ڪندو جڏهن غزه جي ماڻهن جون زندگيون محفوظ ٿي وڃن، ماڻهن جو وقار بحال ٿي وڃي ۽ ماڻهن لاءِ امداد جي فراهمي يقيني ٿي وڃي، هن چيو ته هن وقت غزه جا ماڻهو پوري دنيا جي سامهون هڪ وڏي انساني تباهي جي ور چڙهيل آهن، هن چيو ته اسان کي پوئتي نه ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته اسان عارضي جنگ بندي ۾ توسيع جي ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا.هن چيو ته گڏيل قومون ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي غزه ۾ حقيقي انساني بنيادن تي جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسرا??يل کي فلسطين سان گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون جي بنياد تي ٻه رياستي حل جي قيام طرف پرعزم ۽ ناقابل واپسي طريقي سان اڳتي وڌڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته ڳالهين ۾ ناڪامي فلسطين، اسرا??يل سميت ??وري دنيا کي تمام وڏي تباهي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو ج??هن کي سنڀالڻ ناممڪن ٿي ويندو.
غزه جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردان تي عملدرآمد ناڪافي آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز