اسلام آباد ?? 25 ??ون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪس??ان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪس??ان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽيڪنيڪي اپ گريڊيشن ۽ جدت بابت جاپان ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ گڏيل منصوبن تي جلد عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ جاپان 6 ڏهاڪن تي ٻڌل گهڻ رخي فعال حصيداري جا حامل ملڪ آهن. اها ??ال??ه هن ملاقات جي لاءِ آيل جاپان جي سفير ڪني نوري مستودا سان ??ال??ائيندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جاپان جي سفير کي ٻڌايو ته پاڪس??ان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي)، پاڪس??ان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ناميارين قومي خابرو ادارن وانگر اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنسي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته م??ڪ جي وڏن شهرن ۾ 11 جديد اسٽوڊيوز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جو مقصد اي پي پي جي جديد ترين وڊيو نيوز سروس جي جوڙجڪ ۽ استحڪام آهي، وفاقي وزير جاپان جي سفير کي ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومتي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چيو ته انساني وسيلن جي تربيت جي فراهمي ۾ جاپان جو تعاون ضروري هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير گيمنگ ۽ ايني ميشن جي ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي به زور ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري وزير فلم، ڊرامه، پوڊ ڪاسٽ ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ جاپان سان گڏيل منصوبن جي ضرورت تي به زور ڏنو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ جاپان جي سفير ميڊيا ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ پاڪس??ان ۽ جاپان جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
حڪومت اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنسي بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : quina acumulada