اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڇ ۾ ٿيندڙ واقعو سازش آهي، هندستان پوري طرح پاڪستان ۾ انتشار پ??يڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان جي انٽيليجنس ادارن دهشتگردي جا چار وڏا منصوبا ناڪام بڻايا، هزاره برادري سان نائين ??ليون کانپوءِ تمام وڏو ظلم ٿيو آهي، هزاره برادري مڇ واقعي ۾ ??وت ٿيندڙن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري انهي ڏينهن انهن وٽ ڪوئيٽا ايندس، مڇ سانحي جي متاثرين ??ا سمورا مطالبا مڃيا ويا آهن، لاشن جي تدفين کي وزيراعظم جي آمد سا?? جوڙڻ جو شرط مناسب نه آهي، اهڙي طرح ڪرپشن ڪندڙ داڙيل?? جو ٽولو به بليڪ ميل ڪندو، آءِ ٽي جي شعبي کي مراعتون ڏئي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا. هو هتي انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي قيام کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت