اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اهميت ۽ ڪاميابي جي لا??ِ 6 نقاطي پروگرام جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، عالمي وبا جي تدارڪ جي لا??ِ عالمي مالياتي ادارن ۽ جي – 20 ملڪن کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پوري دنيا جي معيشت سستي جو شڪار آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آر ۾ ڪنهن به مذهب جي توهين برداشت جوڳي نه آهي، ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لا??ِ پاڪستان پ??هنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ جي لا??ِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن کي عالمي حل طلب مسئلن جي حل لا??ِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پ??نديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم پاران شنگهائي تعاون تنظيم لاءِ 6 نقاطي پروگرام پيش
مضمون کا ماخذ : گرم گرم