پيانگ يانگ _ 27 جون (اي پي پي ) اتر ڪوريا چيو آهي ته ان ملٽي پل وار هيڊ ميزائل جو ڪ??مياب تجربو ڪيو آهي . اي ايف پي اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو ايجنسي جي سي اين اي جي حوالي سان ٻڌايو ته اتر ڪوريا گذريل ڏينهن پنهنجي ڪيترن وار هيڊز ميزائلن جي صلاحيت جو ڪ??مياب تجربو ڪيو. جنهن ۾ موبائل سان وار هيڊز جي عليحدگي ۽ گائيڊنس ڪنٽرول ٽيسٽ کي ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو. ڪي سي اين رپورٽ ڪيو ته تجربي دوران ميزائل کان جدا ٿيندڙ نقلي موبائل وار هيڊز ٽن مقرر حدفن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب رهي. اتر ڪوريا جي اختيارين مطابق تجربي جو مقصد ا??م آئي آر وي جي صلاحيت کي محفوظ بڻائڻ آهي. ڪي سي اين اي مطابق اهو تجربو 200-170 ڪلو ميٽر جي دائري ۾ وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ ٺوس ٻارڻ واري بيلسٽڪ ميزائل جي پهرين مر??لي جي انجڻ جو استعمال ڪندي ڪيو آهي .
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ