گڏيل قومون-06 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ج?? اداري يونيسيف چيو آهي ت?? سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر چئن ما?? هڪ ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهي. يونيسيف جي رپورٽ جي مرڪزي مصنف هيريئٽ ٽورليس موجب انهن ٻارن ج?? تعداد 18 ڪروڙ ٺهي ٿي ۽ غذائي کوٽ سبب انهن ج?? واڌ ويجهه ۽ ترقي ت?? ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. انهن ٻارن کي زنده رهڻ لاءِ تمام گهٽ خوراڪ دستياب آهي. يونيسيف موجب 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي روزاني 8 اهم گروپن ما?? پنج غذائون کائڻ گهرجن ج?? ۾ ماءُ جو کير، اناج، پاڙن واري ڀاڄي، ٽيوبرز ۽ پلانٽين، داليون ۽ م??وا ۽ ٻج، گوشت، پولٽري ۽ مڇي، بيضا وٽامن اي سان ڀرپور م??وا ۽ ڀاڄيون ۽ ٻيا م??وا ۽ ڀاڄيون شامل آهن. يونيسيف موجب اٽڪل هڪ سئو کان گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ رهندڙ پنج سالن کان گهٽ عمر جا 440 ملين ٻار غذائي غربت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، يعني کين روزاني مٿي ڏنل پنج فوڊ گروپن تائين پهچ ناهي. انهن ما?? 181 ملين ٻارن کي وڌ کان وڌ ٻن فوڊ گروپس تائين پهچ حاصل آهي.
سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر چئن مان هڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهي: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر