ماسڪو-08 مارچ (اي پي پي) روس ڪيترن ئي آمريڪي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.روس جي پرڏيهي وزارت موجب ماسڪو ۾ مقرر آمريڪي سفير لين ??ريسي کي ٻڌايو ويو ته روس ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي سفارتڪار جن کي روسي حڪومت پاران ناپسنديده قرار ڏنو ويو آهي ۽ مختلف غير سرڪاري تنظيمن سان ڪم ڪرڻ چاهين ??ا انهن کي ملڪ بدر ڪري سگهجي ٿو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس جي پرڏيهي وزارت طرفان آمريڪي سفير کي طلب ڪري ان کي ٽن اين جي اوز جي تبديل ٿيل قانوني حيثيت ج?? باري ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي.روس جو ??وقف آهي ته انهن اين جي اوز جن کي ماسڪو ۾ آمريڪي سفار??خا??ي جي حمايت حاصل آهي روس مخالف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن جن جو ??قصد تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي آڙ ۾ ايجنٽ ڀرتي ڪرڻ آهي.روسي پرڏيهي وزارت پاران آمريڪي سفير کي هڪ باضابطه نوٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهي آمريڪي سفار??خا??ي پاران انهن پابندي پيل گروپن سان سمورا لاڳاپا ختم ڪن ۽ سفار??خا??ي جي ويب سائيٽ تان انهن ٽنهي اين جي اوز بابت مواد کي ختم ڪن.روسي قانون موجب ناپسنديده قرار ڏنل اين جي اوز جا ڪيترائي حق ختم ڪيا ويا آهن، اهي اين جي اوز روس ۾ پنهنجون آفيسون کولي نيٿون سگهن ۽ نه ئي مالياتي نظام کي استعمال ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ته اهي اين جي اوز پنهنجي نالي سان ڪجهه به شايع نٿا ڪرائي سگهن.
روس جي آمريڪي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڌمڪي
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری