ڪيپ ٽائون – 12 جنوري (اي ??ي پي) ڏکڻ آفريقا انصاف جي عالمي عدالت کي مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل ??ي غزه ۾ فوجي آپريشن کي فوري طور معطل ڪرڻ جو حڪم ڏي. رائٽرز مطابق نيدرلينڊز جي شهر دي هيگ ۾ ڏکڻ آفريقا طرف??ن اهو مطالبو گڏيل قومن جي اعليٰ ترين عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڪيس ??ي شنوائي جي پهرين ڏينهن سامهون آيو. ڏکڻ آفريقا چيو ته اسرائيل غزه ۾ فلسطيني شهرين جي نس?? ڪشي ڪري رهيو آهي. ڏکڻ آفريقا چيو ته 3 مهينن جي اسرائيلي بمباري غزه جو وڏو حصو تباهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ 23 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ اٽڪل 23 لک فلسطيني بي گهر ٿيا. اسرائيلي حڪومت جي ترجم??ن ايلون ليوي چيو آهي ته اسرائيل ??کڻ آفريقا جي رتو ڇاڻ جي الزام کي ختم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي انصاف واري عدالت آڏو پيش ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت