جده – 07 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ايئر لائينز (السعوديه) مملڪت ۽ چين وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي هڪ اهم قدم طور بيجنگ لاءِ سڌي ريت اڏامون شروع ڪري ڇڏيون آهن. سعودي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي السعوديه ايئر لائينز جي ايگزيڪيوٽ?? چيئرمين ڪيپٽن ابراهيم الڪشي چيو آهي، ته اهو قدم 2030ع تائين ساليانو 100 ملين سياحن جو هدف پورو ڪرڻ جي حڪمت عملي جو حصو آهي. هن چيو ته جده ۽ رياض کان بيجنگ لاءِ سڌي ريت اڏامون ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياحتي ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ شروع ڪيون ويون آهن. سومر ۽ ج??عي تي جده کان بيجنگ لاءِ 2 اڏامون هلايون وينديون جڏ??ن ته رياض کان به مسافر هر آچر ۽ اربع تي بيجنگ وڃي سگهندا.
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری