اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، سپريم ڪ??رٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حساس معاملو آهي، ڪ??رٽ رپورٽر سٺي طريقي سان اها ذميداري سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار چوڌري فواد حسين پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪ??رٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير راجا محسن اعجاز کي صدر ۽ عديل سرفراز کي جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عدليه تي عوام تي اعتماد وڌائڻ ۾ ڪ??رٽ رپورٽنگ جو اهم ??رد??ر آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالتي فيصلن کان آگاهي فراهم ??رڻ ۾ ڪ??رٽ رپورٽرز جون خدمتون تحسين جي لائق آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته صحافين جي ڀلائي لاءِ قدم اسان جو عزم آهي. صحافين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊ فراهم ??ند??سين. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي صحافي پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ 10 لک روپين تائين جي مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪ??رٽ جي نون چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ۽ چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار صحافين جي ڀلائي سميت ذميداراڻي صحافت جي فروغ لاءِ پنهنجو ??رد??ر ادا ??ند??.
حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ