اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته سريلنڪا جي صدر سان سندس ملاقات بهترين رهي ۽ اسان غربت جي خاتمي سميت گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي سياسي ۽ واپاري لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽس ۾ چيو ته سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا ??اڪسي سان ملاقات ۾ اسان خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ غربت جي خاتمي جي گڏيل عزم جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسان ان حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته آبادگارن کي انهن جي پيداوار مان وڌ کان وڌ فائدو ڪهڙي طرح ٿي سگهي ٿو ۽ مڊل مين جي ڪردار کي ختم ڪندي ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي شهرين تائين کاڌي پيتي جون شيون گهٽ قيمت تي ڪيئن پهچائي سگهجن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا