اسلام آباد – 30 آگسٽ (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عاشوري جي ڏهاڙي جي مناسبت سان قوم تي زور ڏنو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ورجائڻ گهرجي ته اسان اسوه حسين رضه تي عمل پيرا ٿي ه?? اهو ڪم ڪنداسين جيڪو حق جي سربلندي، عدل ۽ انصاف جي فروغ، اسلامي روايتن جي پاسداري ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مفيد هوندو، اسان کي گهرجي ته اسان گڏيل نفاق، ??رق?? واريت ۽ مذهبي منافرت کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪريون. صدر يوم عاشور محرم ??لحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نال?? پيغام ۾ چيو ته يوم عاشور يعني 10 هين محرم ??لحرام کي الله تعاليٰ روز ازل کان ئي خاص شرف بخشيو آهي، ان ڏينهن تاريخ انسانيت جا تمام گهڻن اهم واقعا رونما ٿيا جهڙوڪ حضرت آدم جي توبه قبول ٿي، حضرت نوح عه جي ٻيڙي سلامتي سان جودي جبل تي لٿي، حضرت سيدنا ابراهيم عه تي نمرود جي باهه گلزار ٿي، ۽ ٻيو خليفو حضرت عمر رضه پهرين محرم ??لحرام تي شهادت جي درجي تي فائز ٿيو، هن چيو ته حضور نبي ڪريم خاتم النبيين صه جي ڏوهٽي حضرت امام عالي مقام حضرت امام حسين رضه پنهنجي اهل بيتِ اطهار ۽ ساٿين سان ڪربلا جي ميدان ۾ عاشور جي ڏهاڙي تي شهادت ماڻي اسلامي تاريخ ۾ ان ڏينهن کي قيامت تائين خاص بڻائي ڇڏيو.
قوم کي عاشور جي ڏينهن تي اسوه حسين رضه تي عمل پيرا ٿي هلڻ جو وچن ورجائڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : quina acumulada