لاهور – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رستن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ??يلوي کي بهتر ڪرڻو پوندو، مزدورن جون پگهارون وڌائڻ جي حق ۾ آهيان، جمهوري وزيراعظم آهيان سوچي سمجهي مالي بجيٽ موجب فيصلا ڪندو آهيان، اڳوڻن وزيراعظمن وانگر بادشاهه بڻجي پئسا نه ٿو ورهائي سگهان، ريلوي نظام جي بهتري لاءِ چين کان مدد وٺنداسين. لاهور ۾ جناح ايڪسپريس (لاهور – ڪراچي – لاهور) ٽرين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪ??دي وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ ريل عام ماڻهو استعمال ڪري ٿو ۽ اسان کي رستن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، عوام جي سهولت ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ??يلوي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔