اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڌيان فلمي صنعت جي بحالي ۽ ترقي تي آهي ۽ حڪومت پاڪستان فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڀارتي ف??من جي نمائش جي اثرن جو جائزو وٺڻ کانپو??ِ موجوده پاليسي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني سئنيما انڊسٽري جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ پاليسي جوڙي وئي آهي ته جيئن فلم انڊسٽري کي فروغ ڏئي قومي ثقافت کي وڌائي سگهجي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستاني ف??م انڊسٽري کي د??پي?? چئلينجن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ناليوارن فنڪارن، پروڊيوسرز ۽ نمائش ڪندڙن سميت سمورين ڌرين شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر