گڏيل قومون-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ دھشتگرد حم??ي جي مذمت ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ھڪ پر??س بيان جاري ڪيو آهي جنھن ?? پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ چيني انجنيئرن تي ٿيل دھشتگرد حم??ي جي شديد مذمت ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه چيني ۽ ٻيا پاڪستاني شھري فوت ٿي ويا هئا ۽ حم??ي ۾ چيني ۽ پاڪستاني شھري زخمي پڻ ٿيا هئا. بيان ۾ چيو ويو ھو ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ڪراچي ۾ بزدلاڻي دھشتگرد حم??ي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه جو ورجاءُ ڪيو ته دھشتگردي ڪنهن به شڪل ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آھي. ھن دھشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث ماڻھن، منتظمين، مالي مدد- ڪندڙن ۽ سھولت ڪارن جو احتساب ڪرڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ تي زور ڀريو. هنن سمورين رياستن تي زور ڀريو ته اهي عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي لا??اپ??ل ٺھرائن تحت پنھنجي ذميوارين مطابق ان سلسلي ۾ چين ۽ پاڪستان جي حڪومتن سان گڏو گڏ ٻين سمورن لا??اپ??ل اختيارين سان سھڪار ڪن. بيان ۾ چيو ويو آھي ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه جو ورجاءُ ڪيو ته دھشتگردي جي ڪارروائي هر صورت ۾ ڪاب?? قبول ناهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ دھشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر