واشنگٽن – 09 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي ڏکڻ اوڀر سمنڊ ڪناري وارن علائقن ۾ سامونڊي طوفان بيرل سبب گهٽ ۾ گهٽ 3 ڄڻا فوت ۽ وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. طوفان جي اثر هيٺ هلڻ واري تيز هوائن ۽ تيز برسات سبب هاءِ ويز جا ڪيترائي هنڌ پاڻي هيٺ اچي ويا، تيل جي فراهمي لاءِ استعمال ٿيندڙ بندرگاهون بند ڪيون ويون، 1300 کان وڌيڪ اڏامون ،ملتوي ۽ 27 لک کان وڌيڪ گهرن ۽ ڪاروباري هنڌن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. آمريڪي نيشنل هريڪين سينٽر مطابق ??وفان بيرل جي شدت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافي س??ب ڪيٽيگري 5 جي س??مونڊي طوفان ۾ ت??ديل ٿيڻ بعد ميٽا گورڊا ۽ ٽيڪساس جي ٻين سامونڊي علائقن سان ٽڪرائجي ويو آهي جڏهن ته هيوسٽن تا??ين پهچڻ کان اڳ ان جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئ??. ب??رل ٽيڪساس پهچڻ کان اڳ ميڪسيڪو ۽ ڪيريبين ۾ به تباهي مچائي ڇڏي جتي طوفان سبب گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
سامونڊي طوفان بيرل آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 3 ڄڻا فوت، 1300 اڏامون ملتوي، 27 لک گهرن ۽ ڪاروباري هنڌن جي بجلي معطل
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی