پيرس -08 جولاءِ (اي پي پي) فرانس ۾ تازين چونڊن ۾ حصو وٺندڙ 3 سياسي اتحادن جي ڪارڪنن وچ ۾ ڏڦيڙ پکڙجي ويا. رشيا ٽو ڊي مطابق ڏڦيڙن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سڄي ملڪ ما?? 30 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا جن ما?? ص??ف گادي واري هنڌ پيرس ۾ 5 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا. ٽنهي سياسي اتحادن پاران واضح برتري حاصل نه ڪرڻ سبب فرانس ۾ انهن سياسي اتحادن جي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو. رپورٽ مطابق پيرس، نانتيز، ليون، مارسيلي ۽ رينز شهرن ۾ پرتشدد هنگامن دوران دڪانن ما?? ڦرلٽ ڪئي وئي، موٽر سائيڪلن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ پوليس تي ڌماڪيدار مادو اڇلايو ويو جنهن ک??ن پوءِ پوليس ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو. فرانس جي صدر اي??انوئل ميڪرون گذريل مهيني وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪيو هو جنهن جي پهرين مرحلي ۾ ساڄي ڌر جي نيشنل ريلي پارٽي (آر اي??) 33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا پر چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ هو پنهنجي پوزيشن برقرار نه رکي سگهي ۽ 143 سيٽن سان ٽئين نمبر تي اچي وئي. کاٻي ڌر جي نيوپاپولر فرنٽ بلاڪ 182 سيٽن س??ن پهرين نمبر تي اچي وئي پر قطعي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي. فرانس جي صدر اي??انوئل ميڪرون جي قيادت ۾ اتحاد 168 سيٽن سان ٻئي نمبر تي اچي ويو.
فرانس ۾ وقت کان اڳ چونڊن کان پوءِ ڏڦيڙ پکڙجي ويا، 30 هزار پوليس اهلڪار مقرر
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی