گڏيل قومون _24 اپريل (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ اجتماعي قبرن بابت پريشان ڪندڙ رپورٽ سامهون آئي آهي جنهن ۾ فلسطينين جا ل??ش مبينه طورتي ڪپڙن کان آجها مليا آهن . ۽ انهن جا هٿ ٻڌل آهن . جنهن سا?? غزه ۾ جاري اسرائيل جي جارحيت دوران جنگي ڏوهن بابت گهري ڳڻتي ٿئي ٿي . ??ها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري (او ايڇ سي ايڇ آر ) گذريل ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌائي . ??پورٽ مطابق اها صورتحال گذريل هفتي جي آخر ۾ ??رڪ??ي غزه جي علائقي خان يونس جي ناصر اسپتال ۽ اتر ۾ الشفا اسپتال ۾ زمين هيٺ دٻيل ۽ ڪچري سان ڍڪيل ڪيترائي ل??ش ملڻ بعد سامهون آئي . ناصر اسپتال ۾ 283 ل??ش مليا آهن جنهن ??ان 42 جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي . گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي ترج??ان روينا شمداساني چيو ته شهيد ٿي ويلن ۾ مبينه طورتي بزرگ ، عورتون ۽ زخمي شامل هئا جڏهن ته ٻين ماڻهن جا هٿ ٻڌل ڪپڙن کان آجها ل??ش مليا آهن .
غزه ۾ اجتماعي قبرون اسرائيل جو سنگين جنگي ڏوهه ، ماڻهن جا ڳريل لاش مليا آهن ، گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت