گڏي?? قومون -20 جون (اي پي پي) گڏي?? قومن چيو آهي، ته سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انساني حقن جي محافظن ۽ ٻين سوسائٽي جي ميمبرن کي خا??وش ڪرايو پيو وڃي. جرمن نشرياتي اداري مطابق گڏي?? قومن جي انساني حقن جي لاڳاپيل معاملن جي سربراهه فولڪر ترڪ انساني حقن جي ڪائونسل جي نئين س??شن جي آغاز تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انساني حقن سان واڳيل ادارن ۽ ماڻهن لاءِ مسئلا پيدا ڪندڙن ۾ خود انهن جي آفيس جي مدد ڪندڙ به شامل آهن.هن گڏي?? قومن جي سوسائٽي جي ميمبرن خلاف مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ پرتشدد واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خاص طور تي اهي تنظيمون ۽ فرد سخت ڏکيائين ۾ آهن جيڪي گڏي?? قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي مدد ڪندا آهن. هن چيو ته 47 رڪني انساني حقن جي ڪائونسل جا ڪيترائي ميمبر ملڪ به اهڙين سرگرمين ۾ ملوث آهن. گڏي?? قومن سان سهڪار ڪندڙ فردن تي حملا سول سوسائٽي تي غير معمولي اثر ڇڏي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ان حوالي سان گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش طرفان به 13 اهڙيون رپورٽون به جاري ٿي چڪيون آهن جن ۾ 77 ملڪن ۾ 700 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ انساني حقن جي محافظن خلاف ڌمڪين ۽ تشدد بابت ٻڌايو ويو آهي.
سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سول سوسائٽي سان ناڪاري سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔