نيويارڪ-21 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ڪووڊ -19 جي ڪري صح??، سماجي ۽ اقتصادي بحرانن جي ورجاءُ کي روڪڻ ۽ وبائي مرض کي منهن ڏيڻ جي دنيا جي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ جي وچن تي ٻڌل هڪ تاريخي پڌرنامو جاري ??يو آهي. عالمي اداري جي اهتمام هيٺ وبائي مرضن جي روڪٿام ۽ رد عمل بابت پهرين ڪانفرنس ۾ ان اعلان کي اختيار ڪندي سڄي دنيا 2030ع جي پائيدار ترقي جي هدفن(ايس ڊي جيز) تائين پهچڻ لاءِ رستي تي واپس اچڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل انتونيوگوتريش ياد ڏياريو ته ڪووڊ -19 خلاف عالمي رد عمل انساني قوت ۽ معاشري جي خامين کي بي نقاب ??يو آهي، جتي تيز ٽيسٽ ۽ ويڪسين جي ترقي ذڪر جوڳيون ڪاميابيون هيون اتي تياري جي کوٽ، غريب ترين ماڻهن تي غير مناسب اثرن ۽ دولت مند ملڪن طرفان ويڪسين جي ذخيرو اندوزي به هئي. هن چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ گهرجي جڏهن ايندڙ وبائي بيماري ايندي جهڙوڪ اسان ڄاڻون ٿا ته هي ٿيندو ۽ صح?? جي ٻيا خطرا سامهون ايندا. پڌرنامي جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي هن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته هو ڊبليو ايڇ او جي مدد ڪن، پنهنجي مالي مدد ۾ اضافو ڪن، جنيوا ۾ صح?? واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊهانوم پڌرنامي جي باري ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي دنيا جي سمورن ماڻهن جي وبائي مرضن جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي محفوظ بڻائڻ جي فوري مهم جي طور تي هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. هن چيو ته آئون عالمي ??ڳو??ڻن طرفان گهربل س??اسي مدد ۽ رخ فراهم ڪرڻ جي ان عزم جي آجيان ڪريان ٿو ته ڊبليو ايڇ او، حڪومتون ۽ ان ۾ شامل س??ورن ماڻهن جي صح?? جي حفاظت ڪري سگهن ۽ مقامي صلاحيتن ۾ سيڙپڪاري، برابري کي يقيني بنائڻ ۽ عالمي هنگامي صح?? جي ڍانچي جي حمايت ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي سگهن.
گڏيل قومون: ميمبر ملڪن جو ڪووڊ -19 سبب صحت،سماجي ۽ اقتصادي بحرانن جو ورجاءُ روڪڻ، وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي عالمي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ جو وچن
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania