جده- 06 اپريل (اي پي پي) والاريل بيت المقدس ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي پوليس جي حملي کانپوءِ صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ عرب ليگ جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي مذم?? ڪئي وئي. سعودي خابرو اداري مطابق اردن، مصر ۽ فلسطيني عملدارن سان گڏجي تنظيم جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جي درخواس?? ڪئي. اردن جي پر??يه?? وزارت چيو آهي ته عرب ليگ طرفان اسرائيلي خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ اها عالمي انساني قانوني جي خلاف ورزي آهي. بيا?? ۾ ??يو ويو ته اهڙي طرح جي ڪارر??ائ??ن جو مقصد والاريل بيت المقدس جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ آهي. ٻئي پاسي برطانوي خابرو اداري مطابق عرب ليگ والاريل بيت المقدس ۾ مسجد القصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پر تشدد ڪارر??ائ??ن سان علائقائي استحڪام کي خطرو آهي. عرب ليگ جاري بيان ۾ مسجد الاقصيٰ ۾ بيگناهه نمازين خلارف اسرائيلي فوج جي ڪارر??ائ??ن کي ڏوهه قرار ڏنو آهي. بيا?? ۾ ??يو ويو ته صبح سوير مسجد تي حملي سان تشدد جي لهر اٿڻ جو خطرو آهي جنهن سان خطي ۽ دنيا ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي خطرو آهي. ان کان اڳ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل حمد ابولغيث بيان ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيلي حڪومت جي پاليسي کي ڪنٽرول ڪندڙ انتهاپسنداڻي نقطه نظر کي نه روڪيو ويو ته اهو فلسطينين سان وڏي پيماني تي تڪرار جو سبب بڻجندو. هوڏانهن نار سهڪار ڪائونسل پڻ اسرائيلي فورسز جي مسلمانن جي قبله اول تي حملي جي مذم?? ڪئي آهي. ترڪيه مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي ۽ ان جي اندر ٿيل چڪرين جي مذمت ڪندي ان کي ”نا قابل قبول“ قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي مسجد جي تقدس جي پامالي آهي. ترڪيه پر??يه?? وزير مولود چاوش اوغلو برسلز ۾ نيٽو جي اجلاس جي موقعي تي چيو ته اسان انهن حملن جي مذمت ڪيون ٿا.
عرب ليگ جو هنگامي اجلاس، مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ