اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين ٽوڙيندڙن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين، تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪري ڇڏيو، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا، سياسي سرگرمين جي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي نه، ميرٽ کان هٽي ڪري ڪو ڪم نه ٿيندو، اميد آهي ته ??يپلزپارٽي ڪابينا جو حصو بڻجندي، اتحادي حڪومت آهي سڀن?? کي حصو بڻجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??اڻي پنجاب اسپيڊ نه پاڪستان اسپيڊ ٿيندي، ڪنهن ملڪي وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو ته ??انون جو رستو اختيار ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ??تحده ميمبرن سان ملي آيو آهيان، سڀاڻي مزار قائد ويندس، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??ارليامينٽ جو مدو ??يڍ سال آهي، اسان کي ڪيترو عرصو رهڻو آهي اهو فيصلو اتحادي گڏجي ڪندا، (ن) ليگ جي سوچ آهي ته سڌارا ڪريون ۽ اليڪشن ۾ وڃون، هن چيو ته سڀ کان وڏو چئلينج تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته سياسي سرگرمين جي سڀن?? کي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??يپلزپارٽي ڪابينا جو حصو بڻجندي. هن چيو ته اتحادي حڪومت آهي سڀن?? کي حصو بڻجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن صدر جي طبيعت ٺيڪ نه آهي ته الله کيس صحت ڏي، آئين ٽوڙيندڙن جي خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين. هن چيو ته ??هانگائي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شارٽ ۽ ميڊيم ٽرم پلان ٺاهي رهيا آهيون، ڳالهين سان قومون ناهن ٺهنديون، آچر تي به ڪم ڪرڻو پوندو، ٻه مو??لون خوشحال قومون ڪنديون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن کي ڪجهه نه چونداسين، ادارا پنهنجو ڪم ڪندا، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪشمير، افعانستان تي بريفنگ پارليامينٽ ۾ ٿي ته ??يٽر گيٽ تي ڇو نه، مود?? کي مشورو ڏنو آهي ته ڪشمير مسئلو حل ڪري پائيدار امن طرف هلون. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي مستقبل تي به مشاورت ٿيندي، تحريڪ انصاف وارا خزانو خالي ڪري ويا آهن، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪيو، جيڪي ملڪ دوست بڻجڻ چاهيندا هئا، انهن سان به لاڳاپا خراب ٿيا. هن وزيراعظم هائوس کي پاڪستان هائوس ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ??زيراعظم هائوس ۾ پوري پاڪستان مان بيوروڪريسي آڻينداسين، بيوروڪريسي تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ??يرٽ کان هٽي ڪري ڪو ڪم چوان ته ??نع ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته ??ر فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو.
آئين ٽوڙيندڙن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين، تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا