اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين يوريا ڀاڻ جي دستيابيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي گيس ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته هو ڀاڻ جي يونٽس کي پيداوار لاءِ گيس جي فراهمي يقيني بڻائين. فنانس ڊويزن ۾ ڀاڻ بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي شوڪت ترين سمورين لاڳاپيل ڌُرين کي سيلز ٽيڪس ري فنڊ ۽ گيس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جي ادائيگين بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ صنعتن ۽ پيداوار واري سيڪريٽري اجلاس کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ رسد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. سيڪريٽري چ??و ته سوئي ناردرن گيس پائيپ لائن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي بنياد تي يوريا پلانٽس کي گيس جي فراهمي جنوري 2022ع تائين 3 لک ميٽرڪ ٽن اضافي پيداوار کي يقيني بڻائيندي. حڪومت پاڪ عرب فرٽيلائ??زر لميٽيڊ ۽ فوجي فرٽيلائ??زر بن قاسم لميٽيڊ (ايف ايف بي ايل) سميت سمورن ڀاڻ يونٽن کي وڌ کان وڌ گيس جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چ??و ته هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي ايڪسپورٽ لاءِ ٽينڊر پڻ ڏنا ويا آهن. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي و??ير سيد فخر امام، توانائي واري وفاقي و??ير حماد اظهر، پيٽروليم ۽ صنعتن واري ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ناڻي جي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم جو ناڻي بابت صلاحڪار جو يوريا ڀاڻ جي دستيابيءَ تي اطمينان جو اظهار، شوڪت ترين جي صدارت هيٺ ڀاڻ بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب