اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران آن لائن فاصلاتي تعليم جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جديد دور جي بدلجندڙ ضرورتن ۽ عالمي معيار موجب فاصلاتي تعليمي پاليسي وڌيڪ بهتر بڻائي??دي. فاصلاتي تعليم جي پروگرام کي مرڪزي تعليمي نظام جو حصو بڻائڻ جي ضر??رت آهي.
ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران آن لائن فاصلاتي تعليمي پاليسي تي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته آن لائن فاصلاتي ڪورسز جو مواد مارڪيٽ جي ضرورتن موجب جوڙڻ گهرجي. ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو تعداد وڌائڻ جي ضر??رت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيورسٽي جي آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامن جي واکاڻ ڪندي چيو ته تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعداد ۾ اضافي لاءِ ورچوئل يونيورسٽي ??هڙ?? ادارن جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضر??رت آهي،
صدر کي ايڇ اي سي پاران بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته آن لائن فاصلاتي تعليمي پاليسي جو بنيادي مقصد قاعدن، هدايتن ۽ گهٽ کان گهٽ معيار جو تعين ڪرڻ آهي جڏهن ته آن لائين فاصلاتي تعليمي پاليسي تحت يونيورسٽين کي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي اجازت ڏني وي??دي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو مقصد تعليم جو معيار برقرار رکڻ لاءِ هڪ??هڙ?? امتحاني نظام قائم ڪرڻ آهي، پاليسي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين جي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي ماهرن سان مشا??رت کانپوءِ ٺاهي وئي آهي.