اسلام آب??د ?? 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حڪومتي س??ارن جي حوالي سان اجلاس ۾ آزاد ڪشمير حڪومت طرفان اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي، غذائي تحفظ، سروس ڊليوري جي بهتري، اداره جاتي س??ارن ۽ قانون جي بالادستي لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري قادر خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته آزاد ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي س??ارن لاءِ لائحه عمل تيار آهي جيڪو ٻن مرحلن ۾ لاڳو ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ 6 مهينن جي مدي ۾ شهرن جي صفائي سٿرائي جي نظام جي بحالي، ندي نالن جي صفائي ۽ انهن تي قبضن جو خاتمو شامل آهي. وڌيڪ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سڌارن، بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ مرمت، بجلي ۽ صاف پاڻي جي موجود نظام جي بحالي شامل آهن. ڄاڻايل لائحه عمل جي هفتيوار منصبوبابندي ڪري عملدرآمد کي مقرر ڪيل مدي ۾ يقيني بڻايو ويندو. ٻي مرحلي ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا شامل آهن. اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ صنعتي ترقي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سياحت جي فروغ لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس کي وڌيڪ آ??اهه ڪيو و??و ته غذائي تحفظ لاءِ لائيو اسٽاڪ، فلوري ڪلچر، هارٽي ڪلچر ۽ ڪچن گارڊننگ کي فروغ ڏنو ويندو. ان کانسواءِ اڻ مڪمل منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي صحت ۽ تعليم جي شعبن جي مانيٽرنگ، بجلي جي موجوده نظام ۾ بهتري، ٽيڪس جي نظام جي س??ارن ۽ قانون جي بالادستي لاءِ قدم به لائحه عمل جو حصو آهن. وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي اهيمت تي زور ڏيندي چ??و ته فلاحي رياستن ۾ امير ۽ غريب لاءِ قانون هڪجهڙو هوندو آهي، وڌيڪ چ??و ته سياحت جي فروغ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ان تي جلد عملدرآمد يقيني بنايو پيو وڃي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آزاد ڪشمير ۾ حڪومتي سڌارن جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر