اسل??م آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي ما??ياتي ادارن جي وچ ۾ 1500 ملين ڊالر جي ما??ياتي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويو??، اهو معاهدا عالمي بئ??ڪ، ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ ۽ ايشئين انفرااسٽرڪچر ڊلپمينٽ بئ??ڪ سان طئي ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ ڪوويڊ 19 ايڪٽو رسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي ما??ي مدد فراهم ڪندو، ان جو مقصد حڪومت پاڪستان کي ان جي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، انهي طرح ايشيئن انفرااسٽرڪچر انويسٽمنيٽ بئ??ڪ به ڪوويڊ 19 ايڪٽو ريسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي معاون فنانسنگ فراهم ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد ڪورونا وبا جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، ان کانسواءِ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ ضروري صحت ۽ تعليم جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، معاشي پيداوار ۾ عورتن جي ڪردار جي حوصلا افزائي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ بهتري ۾ مدد جي سلسلي ۾ اسيڪورنگ ه??ومن انويسٽمينٽس ٽو فاسٽر ٽرانسفارميشن (شفٽ) لاءِ 500 ملين ڊالر جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون.
وزيراعظم جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي مالياتي ادارن وچ ۾ 1500 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج