اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي تاري?? ۽ ??دبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شريف فيملي طرفان جمع ڪرايل قطري خط، ٽرسٽ ڊيڊ ۽ گلف اسٽيل جي مشينري منتقلي بابت ثبوتن جي تصديق ۽ لاڳاپيل فرم سان رابطو ئي نه ڪيو ويو، جي آءِ ٽي ڪيس ۾ شريف فيملي جي انهن ٽنهي دستاويزن کي ثبوت طور شامل ئي نه ڪيو ويو. هو احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي ر??ي هئي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته گذريل ٽن ڏينهن اندر واجد ضياءُ جيڪي بيان رڪار?? ڪرايا آهن ان تي شريف فيملي جي وڪيل خواجه حارث جرح ڪري ر??يو آهي ان ۾ هي واضح ٿي چڪو آهي ته شريف فيملي طرفان مني ٽريل سان پيش ڪيل قطري خط، ٽرسٽ ڊيڊ ۽ گلف اسٽيل جي مشينري منتقلي جي دستاويزن تي ڪنهن قسم جو ايم ايل اي جمع ناه?? ڪرايو ويو، هن چيو ته هي ٽهي مرڪزي ثبوت هئا انهن ٽنهي کي پاڻ ئي سمجهيو ويو ته ??ي جعلي آهن، انهن جي ڪا تصديق نه ڪئي وئي.
شريف فيملي طرفان جمع ڪرايل ثبوتن جي تصديق نه ڪرائي وئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر