ابوظهبي- 19 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارت ۾ پاڪستان سفارتخاني يو اي اي حڪومت طرفان پاڪستاني شهرين تي ويزا پابنديون لاڳو ڪرڻ جي سببن جو حوالو ڏيندي چيو ته دستاويز شيئر ڪرڻ بابت ميڊيا رپورٽن کي ??د ڪري ڇڏيو آهي. ابوظهبي ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ??الهه جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ دعويٰ حقيقت?? غلط آهي، يو اي اي جي عملدارن اهڙو ڪو دستاويز شيئر ناهي ڪيو. پاڪستان جي يو اي اي سان مضبوط ۽ خوشگوار ناتا آهن ۽ ٻئي حڪومتون گڏيل ڳڻتي جي ڪنهن به مسئلي کي ??اضابطه چينلز ۽ تعميري ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ پُرعزام آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سفارتخانو يو اي اي ۾ پاڪستاني شهرين جي مفادن جي تحفظ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ يو اي اي اي جي عملدارن سان ??ڏجي ڪم ڪندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار