گڏيل قو??ون -12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته رمضان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي کي فوري طور ل??ڳو ڪيو وڃي. هن رمضان المبارڪ ??ي شروعات تي چيو ته جڏهن رمضان المبارڪ ش??وع ٿي چڪو آهي، ان باوجود غزه ۾ قتل و غارت، بمباري ۽ رتوڇاڻ جاري آهي. هن اپيل ڪئي ته غزه ۾ جنگ بندي ڪري رمضان المبارڪ ??و احترام ڪيو وڃي ۽ حياتيون بچائيندڙ امداد جي تيز رفتاري ۽ وڏي پيماني تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ۽ سڀني يرغمالين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. گڏيل قو??ن جي سربراهه چيو ته غزه ۾ جاري تباه ڪن اسرائيلي جنگ ڇهين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي. گڏيل قو??ن جي سربراهه خبردار ڪيو ته رفح تي اسرائيلي حملا غزه جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ۽ اتي رهندڙ ما??هن جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هي دنيا ۽ تاريخ ڏسي رهي آهي. اسان ان تي پنهنجون اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي غزه ۾ فوتگين ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. فلسطيني شهرين لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي.
رمضان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي ڪئي وڃي: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اپيل
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی