ماسڪو -12 مارچ (اي پي پي) يوڪرين روس جي شهر اوريول ۾ تيل جي ٺڪاڻن کي ڊرون حملن سان نش??نو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ تيل جي هڪ ٽينڪ ۾ باهه لڳي وئ??. روس جي خابرو اداري مطابق سومر ۽ اڱاري جي وچ واري را?? گادي واري هنڌ ماسڪو کان 350 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع انهن ٺڪاڻن تي ڪيل حملن م ڪو به شخص فوت يا زخمي ناهي ٿيو. روس جي اختيارين مطابق صورتحال ضابطي ۾ آهي ۽ رهواسين کي پرسڪون رهڻ جي اپيل ڪئي وئ?? آهي. رپورٽ مطابق يوڪرين طرفان هڪ ٻئي ڊرون حملي ۾ ماسڪو کان 400 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع نوگوروڊ نامي علائقي جي ڀر ۾ واقع تيل ۽ گيس جي ٺڪاڻن کي به نش??نو بڻايو ويو. يوڪرين طرفان روس جي 7 ريجنن ۾ مختلف هدفن کي ڊرون حملن سان نش??نو بڻائڻ جي ڪوشس ڪئي وئ??. روسي فوج انهن مان گهٽ ۾ گهٽ 25 حملو ڪندڙ ڊرونز کي پنهنجي هدفن تائين پهچڻ کان اڳ روڪڻ جي دعوي ڪئي آهي.روس يوڪريني ڊرون حملن کي دهشتگردي جون ڪارروائيون قرار ڏنو آهي.
يوڪرين جا روس ۾ تيل جي ٺڪاڻن تي ڊرون حملا
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی