گڏيل قومون-06 مارچ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم فلسطين پناهگيرن جي مدد ڪندڙ گڏيل قومن جي ايجنسي (يو اين ??ر ڊبليو اي) جو ڀرپور دفاع ڪندي چيو آهي ته اسرائيل طرفان ان کي ختم ڪرڻ جي مهم باوجود ڪو ٻيو ادارو ان اهم ايجنسي جي جاءِ نٿو وٺي سگهي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مستقل نمائندي منير اڪرم نيويارڪ ۾ او آءِ سي گروپ ??ي وقتي چيئرمين ??ي حيثيت سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران چيو ته اسان گذريل 75 ??ال?? ۾ فلسطين پناهگيرن لاءِ اهم لائيف لائن طور يو اين ??ر ڊبليو اي جي ڪ??دار کي سلام پيش ڪريون ٿا. 193 ميمبرن تي ٻڌل جنرل اسيمبلي جو اجلاس وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي بابت بريفنگ لاءِ منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسرائيل، آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ??ولهندي ملڪن طرفان ان الزام ته ان اداري جي عملي جي 12 ميمبرن 7 آڪٽوبر جي ڪ??ررواين ۾ ملوث هئا جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي پاڪستان جي نمائندي منير اڪرم او آءِ سي جي نمائندگي ڪندي گڏيل قومن جي اداري يو اين ??ر ڊبليو اي کي فنڊن جي فراهمي معطل ڪرڻ جي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي فيصلي تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان قسم جي قدمن تي فوري طور تي نظرثاني ڪ??ڻ ۽ فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. منير اڪرم يو اين ??ر ڊبليو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لازا ريني جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي تعريف ڪئي. جڏهن ته هن غزه جي پريشان آبادي کي خدمتون ۽ رليف فراهم ڪرڻ ۾ يو اين ??ر ڊبليو اي جي اهم ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. پاڪستان جي نمائنده غزه ۾ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل فلسطينين ??ي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي فلسطيني عوام جي صورتحال تي روشني وڌي ۽ هنگامي طور تي انساني امداد جو مطالبو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ او آءِ سي گروپ پاران يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ بحال ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ