بيجنگ-12 س??پٽ??بر (اي پي پي) چين ۾ 18 هين عالمي آبي ڪانفرنس بيجنگ ۾ شروع ٿي وئي آهي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت 60 کان وڌيڪ ملڪن ۽ خطن جي اٽڪل 600 عالمي نمائندن، 130 کان وڌيڪ عالمي تن??يم?? ۽ پاڻي سان واڳيل ادارن ۽ اٽڪل 700 گهريلو آبي تحفظ جي صنعت جا اهلڪار شرڪت ڪري رهيا آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق اهو پهريون موقعو آه?? ته چين ۾ ورلڊ واٽر ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي آهي. ڪانفرنس جو موضوع پاڻي سڀني لاءِ، انسان ۽ فطرت وچ ۾ هم آهنگي آهي. ڪانفرنس ۾ چين طرفان پاڻي جي تحفظ بابت تصور ۽ پاڻي جي انتظام ۾ حاصل شده ڪاميابين کي بحث هيٺ آندو ويندو جنهن سان عالمي آبي گورننس ۾ م??د ملندي. اهو ئي سبب آهي جو ان سرگرمي کي پرڏيهي نمائندن طرفان نمايا ڌيان مليو آهي. ان حوالي سان پرڏيهي ماهرن جو چوڻ آه?? ته چين وڏن آبي منصوبن جي حوالي سان جديد نقطه نظر ۽ پاڻي جي سماجي انتظام ۾ ڪامياب تجربا ڪيا آهن. چين ان تجربي کي عالمي سطح تي ورهائڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي جدي?? ٽيڪنالاجي جو سهڪار ڪري سگهي ٿو.
چين ۾ 18 هين عالمي آبي ڪانفرنس شروع، پاڪستان سميت 60 کان وڌيڪ ملڪن جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo