اسلام آباد -21 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي، ته اس??ن جي مضبوط ۽ جٽادار شراڪت پاڪستاني ۽ آمريڪي عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻيندي رهندي ۽ عالمي سطح تي هاڪاري اثر مرتب ڪندي، يو ايس پاڪستان گرين الائنس انهن جو هڪ بهترين مثال آهي. اهڙو اظهار هن سينٽر فار ايئرو اسپيس اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي انتظام هيٺ ”پاڪستان آمريڪا ناتا: دي وي فارورڊ“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. آمريڪي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ 75 سالن جي ٻه طرفن ناتن خاص طور تي ڏهاڪن تي ٻڌل ترقياتي شراڪت تي ڳالهيون ڪيون. هن سڄي ملڪ ۾ اسڪو??ن، اسپتالن ۽ شاهراهن جي تعمير سان گڏوگڏ اسڪالرشپ پروگرامن ذريعي تعليم لاءِ معاونت جي ڪوششن کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 2005ع جي زلزلي ۽ 11-2010ع کان وٺي 2022ع جي ٻو?? جي تباهي جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. ليڪچر بعد سفير ۽ شرڪت ڪندڙن وچ ۾ سوالن جوابن جو دور به ٿيو. جنهن ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن، تعليمي ماهرن ۽ سفارتڪارن حصو ورتو.
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ جٽادار شراڪت عالمي سطح تي هاڪاري اثر مرتب ڪندي: آمريڪي سفير
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena