دوشنبي- 23 فيبروري (اي پي پي) تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب زلزلي وارن علائقن ۾ ڊيم ٽٽڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو. فرانس جي خابرو اداري آمريڪي عرضيات کاتي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته تاجڪستا?? جي اوڀر واري صوبي گورنو بدخشا?? جي مورغوب ضلعي ۾ خميس تي صبح جو 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. جنه?? جي اونهائي 20.5 ڪلوميٽر هئي. شرو??ات?? زلزلي جي 20 منٽن بعد 5 ۽ 4.6 جي شدت جا آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا ويا، چائنه سينٽرل ٽيلي ويزن (سي سي ٽي وي) چائنه ارٿ ڪوئيڪ نيٽ ورڪس سينٽر مطابق زلزلي جو مرڪز چي?? جي سرحد کان ويجهي ترين هنڌ کان 82 ڪلوميٽر?? جي مفاصلي تي هو جنهن کي چي?? جي صوبي سنڪيانگ جي اولهه طرف ڪاشغر ۽ ارتش جي شهرن ۾ به محسوس ڪيو ويو، زلزلي وارا علائقا خوشقسمتي سان ڳتيل آبادي وارا نه هئا. جڏهن ته ان علائقي ۾ موجود ڍنڍ ساريز جا بند ٽٽڻ جو خدشو آهي ان ڪري ڪجهه ملڪن ۾ ٻوڏ جو پڻ خطرو آهي. ساريز ڍنڍ تاجڪستا?? جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي، ان کان علاوه ساريز ڍنڍ جي پٺيان پامير پهاڙ?? جي مرڪز ۾ هڪ قدرتي ڊيم به آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ??يڪ??هن ڊيم ٽٽي پئي ته ان جا نتيجا تمام خراب ثابت ٿيندا. هوڏانهن فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس، آفٽر شاڪس، ڊيم ٽٽڻ جو خدشو
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados