اسلام آباد ??? 08 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ثقافتي ڪاروان پاڪستان چين عوامي رابطن جي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا بهترين لاڳاپن جو لازمي جز آهي، انتهاپسندي کي ختم ڪ??ڻ ۽ قومي بيانيو اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ثقافتي پروگرام شروع ??رڻ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ارومچي کان گوادر تائين ثقافتي ڪاروان روانو ڪرڻ جي مجوزه پلان تي غور ڪيو ويو، ڪاروان ۾ ٻنهي ملڪن جا فنڪار، موسيقار، ڊانسرز ۽ فوٽوگرافر شامل هوندا. پي اين سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد جمال شاهه مملڪتي وزير کي پاڪ چين اقتصادي لن??هه روٽ سان گڏوگ?? سفر، فن ۽ ثقافت جي دستاويزي عڪسبندي ڪ??ڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين، مفاهمت، اعتماد ۽ احترام جي فروغ لاءِ تخليقي سفر ۽ ثقافتي ڪاروان جي تصور بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ثقافتي ڪاروان پاڪستان چين عوامي رابطن جي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب